SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


لوڪ ادب


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

لوڪ ادب

(Folk Lore)

لوڪ ادب مان مراد اھي عام ماڻھن جو ادب، يعني اھو ادب جو تصنع، ھٿ ناٽ ۽ جڙتو ڪاريگريءَ ۽ صنعتن ۽ سينگار کان پاڪ ۽ صاف ھجي. انسائيڪلوپيڊيا مطابق ”ھي اھو علم اھي جو قديم مڃتائن، ريتن، رسمن، ڀرمن، وھمن، قديم روايتن ۽ اعتقادن تي مشتمل ھوندو اھي“. حقيقت ۾ لوڪ ادب انھن سگھڙن جي تخليق اھي، جيڪي پنھنجي خيالن جي وسعت اھر مجلسن، محفلن ۽ ڪچھرين ۾ پنهنجا خيال شعر جي روپ ۾ پيش ڪندا آهن. اھو ئي سبب اھي، جو لوڪ ادب کي ”نج دهقاني ادب“ بھ چيو ويندو اھي، ھي ادب عوام جي احساسن، جذبن، امنگن جي چٽي تصوير ھوندو اھي. لوڪ ادب جي اوائلي تاريخ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي لکي ٿو تھ ”حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تھ سنڌ جي لوڪ ساھتيھ ايترو تھ اکاٽو اھي، جيتري اکاٽي اھي اسان جي سنڌي ٻولي. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪيترائي اھڙا جزا بھ اھن جن جو بڻ بنياد ويدن ۽ اپنشدن جي ڪٿائن توڙي ٻئي سنسڪرت ادب ۾ ملي ٿو. رامائڻ، مھاڀارت، پراڻ، برھت ڪٿا منجري ڪٿا سرت ساگ، پنجتنتر، ھتو پديش، ويتال پنج ونشتي وغيره سنسڪرت ۾ لکيل اھڙا سرچشما اھن، جن مان نھ فقط سنڌي، پر ڀارت جي ڪيترن ٻين ٻولين جي بھ ڪن لوڪ ڪٿائن ۽ پھاڪن وغيره جو جنم ٿيو اھي.“ھن علم ۾ ھيٺيون صنفون اچي وڃن ٿيون: روايتي ڪهاڻيون: جھڙوڪ لوڪ ڪھاڻيون، وير ڪھاڻيون (ڳاهون)، رزميھ نظم ۽ ڏند ڪٿائون. رسمون ۽ رواج: جھڙوڪ ڏڻ وار، رسمون ۽ رواج ۽ شادين جون رسمون وغيره. ويساهه ۽ ڀرم: جھڙوڪ جنن پرين جون ڪھاڻيون، جادو، منتر، ڦيڻا ۽ ڌاکا. لوڪ ڪهاڻيون: جھڙوڪ مشھور چوڻيون، پھاڪا، چرچا، ڳجھارتون ۽ معما وغيره. لوڪ راڳ: عوامي راڳ، جيڪو لوڪ گيت کان مختلف هوندو آهي ۽ عوام جي امنگن جي ترجماني ڪندو آهي ۽ لوڪ ڌنن تي ڳايو ويندو آهي.


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


لوڪ ادب

Folk lore


لوڪ ادب سان لاڳاپيل لفظ


.


لوڪ ادب بابت وڌيڪ اصطلاح

  • لوڪ داستان- لوڪ ادب

  • Remember Me Also:

    فريم

    ذ. انگ. ڪورين جو هڪ اوزِار. چؤڪٺ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal